سنڌ جون ڍنڍون

سنڌ جون ڍنڍون

سنڌ جون ڍنڍون

سنڌ جون ڍنڍون (ڪتاب): سنڌ جي ڍنڍن بابت هي معلوماتي ڪتاب، اديب ۽ محقق عزيز رانجهاڻيءَ جي تصنيف آهي. ڪتاب جو انتساب، ليکڪ پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي نالي ڪيو آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ بدر ابڙي ’عزيز رانجهاڻي- سنڌ جي صحرائن ۽ پاڻين جو عاشق‘ ۽ اشتياق انصاريءَ ’اهم دستاويز‘ جي سري هيٺ تفصيلي نوٽ لکيا آهن، جنهن بعد ليکڪ ’سنڌ جون ڍنڍون- هڪ سفر جي ڪٿا‘ عنوان سان سنڌ جي ڍنڍن، ماڳن مڪانن، تفريحي هنڌن جو مشاهدو، هيٺ ڍنڍن، ماڳن مڪانن ۽ ٻين تفريحي جاين جو اکين ڏٺو حال اوريو آهي ۽ انهن جي مشاهدي ۽ سفر دوران آيل ڏکيائين جو ذڪر ڪيو آهي. ليکڪ هن ڪتاب ۾ ڍنڍ جي وصف، ڍنڍن جا قسم، ڦاٽ ۽ ڍورا، سنڌ جي ڍنڍن، مڇيءَ جي قسمن، مڇي مارڻ لاءِ ڪتب ايندڙ رڇن، ڏيهي ۽ پرڏيهي پکين، منڇر ڍنڍ ۾ پيدا ٿيندڙ ولين ۽ گاهن، ٻيڙين جي نمونن، منڇر ڍنڍ جي آسپاس جي منظرن، منڇر ۾ ڇوڙ ٿيندڙ نئين، مهاڻن، ٻوڏن، پکين ۽ مڇيءَ جي شڪار، مڇيءَ جي واپار، پکين جي قسمن، ڍنڍن تي ٿيندڙ تفريح، سنڌ جي ڍنڍن جي ترقي ۽ تحفظ لاءِ سرڪاري اپائن ۽ پاڪستان جي ڪجهه اهم ۽ تفريحي ڍنڍن سان گڏ دنيا جي ڪن مشهور ڍنڍن کان سواءِ رامسر ڪنوينشن ۽ ان ۾ شريڪ ٿيندڙ ملڪن جو تفصيلي ذڪر آهي. ان کان سواءِ هن سنڌ جي آبي ماڳن جي لسٽ به ڏني آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي ليکڪ ۽ ڪتاب بابت نصرت عزيز جو انگريزي نوٽ ڏنو ويو آهي.
ڊيمي سائيز جي رنگين ٽائيٽل سان 320 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ڪتاب جي قيمت 350 روپيا آهي.


لفظ سنڌ جون ڍنڍونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو